اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ شهري?? جي بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آئي?? جي پاسداري معاشري جي سمورن طبق?? جي ذميواري آهي، انتظامي اٿارٽي کانسواءِ رياست ۽ ا?? جي ادارن جو فرض آهي ته اهي فلاحيت تي ٻڌل نظام جي ذريعي معاشري ۾ بهتري آڻين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سماجي ڀلائي جي لاءِ عوامي خدمتن بابت ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نيٽ ورڪ فار هيومن اينڊ سوشل ڊيولپمينٽ جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ انساني خدمت ۽ انسان دوستي جي شعبي ۾ ادارن ۽ ماڻه?? جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئين شهرين کي اختيار ڏنو آهي جنهن سان سماجي انصاف تي ٻڌل سياسي نظام رکندڙ فلاحي رياست جو ادارڪ ٿيو آهي. هن چيو ته آئي?? جي بالادستي تمام ضروري آهي ڇو ته ان جا ٿنڀ تعليم، صحت، روزگار، سماجي ۽ معاشي انصاف سميت مختلف شعبن ۾ بنيادي حق?? جي هدفن جو تعين ڪن ٿا. هن چيو ته آئين ڪنهن سياستدان يا اداري جو نه پر ملڪ جي هر ماڻهو بابت آهي. صدر وڌندڙ آبادي خاص طور تي غربت، ناخواندگي ۽ بيروزگاري جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي ڀلائي ۽ انسان دوستي جي اهميت تي زور ڏنو. يونيسيف جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 22.7 ملين آهي جيڪو هڪ سنگين چئلينج آهي ۽ انه?? جي تعليمي ۽ هنرمندي جي نظام ۾ شموليت لاءِ فور?? قدم?? جي ضرورت آهي، ڇو ته ملڪ جي آبادي جو 10 سيڪڙو خصوصي ماڻهن کي به مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر هيپاٽائيٽس، ايڊز ۽ ٻين بيمارين سميت ڪيتر?? ئي مرض?? جي مهانگي علاج جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علاج بدران صحت جي لاءِ احتياطي طريقا اختيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته قومي ترقي سماجي نگهداشت جي نظام کي لاڳو ڪرڻ ۽ ماڻه?? جي زندگي ۾ بهتري سان ٻڌل آهي. ان موقعي تي اين ايڇ ايس ??ي جي صدر چيو ته ا?? جي تنظيم آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ غربت جي خاتمي جي ذريعي آفت?? جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڏورانهن علائقن ۾ عورتن ۽ ٻار?? جي تعليم ۽ صحت جي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي ذريعي پاڪستا?? جي ڪمزور ڪميونٽيز جي خدمت ڪري رهي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي اخوت فائونڊيش?? جي وائيس ??يئرمين بدر هارون چيو ته ا?? جي تنظيم 20 سالن ۾ 99.9 سيڪڙو جي شرح واپسي سان 200 ارب رپيا جي مائيڪرو فنانس قرض?? جي ذريعي ماڻهن کي بااختيار بڻايو. هن ٻڌايو ته اخوت فائونڊيشن وٽ 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا 2000 کدڙا فقير رجسٽرڊ آهن، جيڪي انهن کي باعزت طريقي سان طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. اي سي ٽي انٽرنيشنل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيد مبشر علي شاهه بنوري چيو ته تنظيم حڪومتي کاتن سان ويجهي رابطن ذريعي تازي ٻوڏ واري هنگامي صورتحال دوران متاثر ڪميونٽيز کي خوراڪ ۽ پناهگاه?? جي فراهمي جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، ان کانسواءِ ٻج، ڀاڻ، معاش جي تربيت ۽ وڏي پئماني تي زراعت جي بحالي جو به ڪم ڪيو پيو وڃي. صدر ان موقعي تي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سماجي ڀلائي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ تنظيمن ۽ ماڻهن ۾ تعريفي شيلڊز پڻ ورهايون.
ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ شهرين جي بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آئين جي پاسداري معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا