استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ استنبول انٽ??ني??نل ايئرپورٽ تان وطن واپسي جي لا??ِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب استنبول انٽ??ني??نل ايئرپورٽ تي ت??ڪي??َ ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن ۽ ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين سان ملاقات، پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب، اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری