اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت بلتس??ان ڪائونسل ڪنساليڊيٽڊ فنڊ م??ن گلگت بلتس??ان حڪومت ڪنسالي ڊيٽيڊ فنڊ ۾ 265.83 ملين رپيا ٽرانسفر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. رقم ٻ??ڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ استعمال ڪري سگهبي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ صدر 3 ارب رپيا گلگت بلتس??ان حڪومت کي ٽرانسفر ڪرڻ جي منظوري ڏئي چڪو آهي. ٽرانسفر جي منظوري گلگت بلتس??ان حڪومت آرڊر 2018ع جي آرٽيڪل 121 تحت ڏني وئي. صدر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ملازم (ترميمي) بل 2022ع جي پڻ منظوري ڏني. صدر بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بل 2022ع پڻ منظور ڪيو. ٻنهي بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ