رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف هدايت ڪئي آهي ته رشڪئي اقتصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ سمورين رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن اها هدايت رشڪئي اقتصادي زون جي دوري دوران جائزه ا??لاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزي ساجد طوري، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور، چيني ??مپني جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي رشڪئي خصوصي اقتصادي زون تي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون 10000 ايڪڙ تي ٻڌل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رشڪئي اقتصادي زون کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيبرپختونخواهه اڪنامڪ زونز ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني ۽ CRBC (هڪ سرڪاري چيني انٽرپرائيز) جي تعاون سان SPV يعني رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون ڊيولپمينٽ اينڊ آپريسن ڪمپني جي ذريعي ٺاهيو پيو وڃي. ان ڪمپني ۾ KPEZDMC جا 9 سيڪڙو ۽ CRBC جا 91 سيڪڙو شيئرز آهن جيڪو ان نوعيت جو پهريون معاهدو آهي. چيني ??مپني ان خصوصي اقتصادي زون جي آپريشنز جي ذميوار آهي. رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ لائيٽ انجنيئرنگ، آٽو موٽيو، ڪنسٽرڪشن ۽ فوڊ پروسيسنگ ۽ روانگي واپار کي نظر ۾ رکندي شعبن کي هدف بڻايو آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ سڌوسنئون ۽ اڻ سڌيون نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ اقتصادي سرگرميون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ ٻن صنعتي يونٽس جي تعمير جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ صنعتي يونٽس جي تعمير جي شروعات به جلد ??ئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ زون تائين گئس جي فراهمي يقيني بڻائي ڇڏي آهي جڏهن ته نيشنل ٽرانسميش?? اينڊ ڊسپيچ ڪمپني زون تائين بجلي جي فراهمي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڏني ويندڙ مقرر مدي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ جتي جتي هم آهنگي جي کوٽ ۽ مشڪلاتون آهن انهن کي جلد ??ان جلد ختم ڪيو وڃي. وڌيڪ اها هدايت ڪئي ته چيني ??مپني ??ي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن خصوصي اقتصادي زون تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته ا??ان سڀني ??ي گڏجي صنعتي ترقي ۽ روينيو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيني ??مپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جون ڪمپنيون هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جي تعمير اسان جي ترجيح آهي. وزيراعظم رشڪئي خصوصي اقتصادي زون سائيت جو دورو پڻ ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.
رشڪئي اقتصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں