اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪن??لا??ي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ان تراني جي ڌُن ۽ ٿهيم پراڻي آهي، جميل الدين حالي جو لکيل اهو ترانو قرآن ڪريم سان ماخوذ آهي ۽ ان ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي آفيشل گاني جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪ??دي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تراني جو ٿهيم ”الله جي رسيءَ کي مضبوطي سان پڪڙي رکو ۽ فرقي ۾ نه پئو“ آهي. هن چيو ته تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته هي ترانو او آءِ سي جو آفيش?? ترانو آهي، 1974ع ۾ هڪ قرارداد جي ذريعي ”هم مصطفوي“ کي او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ڊڪليئر ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ترانو اردو زبان ۾ آهي پر ان ۾ عربي، فارسي جو ٿهيم به موجود آهي، 1974ع ۾ او آءِ سي ڪا??فرنس ۾ پهريون ڀيرو اهو ترانو پيش ڪيو ويو. هن چيو ته تراني جو ميوزڪ ويسٽرن ڪلاسڪ ۽ اهو ترانو يونيورسل زبان ۾ آهي جنهن ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ڪوشش ڪئي آهي ته تراني جي اصل شڪل کي برقرار رکيو وڃي.
ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ڪيو ويو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ