راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي بلوچستان جو دورو ڪيو، بلوچستان جو گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به وزيراعظم سا?? گڏ هئا. وزيراعظم کي علائقي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تف??يلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ان م??قعي تي وزيراعظم فوجي دستن سا?? ڳالهين ۾ پاڪستان جي لاءِ لازوال قربانيون تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشنل تيارين ۽ بهادري کي ساراهيو جنهن سا?? هنن دهش??گر??ن جي حملن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان جي ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهش??گر??ن جي باقيات جي خاتمي لاءِ هٿياربند فوج جي حمايت جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ جامع قومي ڪوشش، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون ۽ هيٿاربند فوج جي مدد سا?? اسان بلوچستان جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻينداسين. ان کانپوءِ وزيراعظم علائقي جي چڱن مڙسن سا?? به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهش??گر??ي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي اڻٽر حمايت ۽ بلوچستان ۾ خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن ۾ انهن جي تعاون کي ساراهيو. هن جرڳي جي ميمبرن کي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ مخلصاڻو تعاو?? جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. وزيراعظم زور ڏنو ته بلوچستان جي ترقي اسان جي ترجيح ۽ پاڪستان جي مستقبل لاءِ انتهائي اهم آهي.
وزيراعظم ۽ آرمي چيف جنرل پاران نوشڪي بلوچستان جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ