اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪ??مت جو وڏو پاليسي فيصلو آ??ي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن کانپوءِ چئنل جي ريٽنگ ۾ شفافيت ٿيندي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض فراهم ڪيا ويندا جنهن سان ڪيبل آپريٽيرز کي ڊجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اها رقم اهي پنهنجي صارفين کان وصول ڪري واپس ڪري سگهندا. اها ڳالهه هن هتي ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين خالد آرائين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ 4026 ڪيبل آپريٽرز موجود آهن، اسان جو مقصد ڪيبل آپريٽرز کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪندي عوام کي ڊجيٽل ڪيبل جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي، هن چيو ته حڪ????ت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ ڪ??شش??ن ڪري رهي آهي، ڪيبل آپريٽرز اسٽيڪ هولڊرز طور تي اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين، اطلاعات واري وفاقي وزير پيمرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪيبل آپريٽرز سان ملاقات ڪري ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان معاملن کي حتمي شڪل ڏي.
ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي فيصلو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن