اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ سفارتڪاري سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفي ناتن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ۽ پا?? سعودي پرڏيهي وزارتن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آه??. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي گڏيل ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. پا?? سعودي پرڏيهي وزارت وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو ته اسان جا سعود ي عرب سان پراڻا ۽ تاريخي نات?? آهن، هن چيو ته اسان جون ٻه طرفن وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، اسان اقتصادي رابطن کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي خاص طور تي ڳالهيون ڪيون. شاه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه??. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن هتي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سپريم ڪو آرڊينيشن ڪائونسل جي جوڙجڪ تي ڳالهيون ٿيون. سپريم ڪائونسل جي ڪم جي طريقيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي آفيس ۾ ڌار ڌار فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا ته جيئن هڪٻئي جي ناتن کي ڏسڻ لاءِ ڍانچي جي سطح تي راهه هموار ٿي سگهي. شاه محمود قريشي چيو ته ٻئي ملڪ ميڊيا، انفارميشن، راندين ۽ ثقافتي شعبن ۾ به ناتن کي اڳيان وڌائي رهي?? آهن. هن چيو ته ويزن 2030ع تبديلي جو مظهر آه??، اسان تهذيبي رابطن کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا. نئين قيادت جي ويزن 2030ع تح?? سعودي عرب تبديلي طرف ڏسي رهيو آه?? ۽ ان شعبي ۾ ماضي ۾ ڪم ئ?? ناهي ٿيو. اسان ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته لکين پاڪستاني سعودي عرب ۾ ترسيل آه??، جيڪي اتي پاڪستاني فلمن جي نمائش ڏسڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي پسنديده گلوڪارن جي پرفارمنس مان لطف اندوز ٿيڻ چاهين ٿا. هي اهو شعبو آه?? جنهن تي اسان ماضي ۾ ڪو به ڌيان ناهي ڏنو. هن چيو ته اسان مذهبي ناتن سان گڏوگڏ ثقافتي ناتن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آه??ون. موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته گرين سعودي عرب ۽ گرين مڊل ايسٽ ۽ وزيراعظم عمران خان جي سوچ ڪلين گرين پاڪستان پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. ماحولياتي ۽ موسمياتي شعبن ۾ سهڪار اڳيان وڌائي رهي?? آهيون. هن چيو ته مون سعودي پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جي حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو. اسان ٻنهي جي افغانستان جي حوالي سان سوچ ۾ هڪجهڙائي نظر آئي. شاه محمود قريشي چيو ته ويڪسينيشن ۽ سفري مشڪلاتن جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون، اهي پاڪستاني شاگرد جيڪي سعودي عرب ۾ تعليم پرائڻ جي انتظار ۾ آه??، انهن جي سهولت ۾ سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آه??. شاه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان هميشه پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪيون آه??. هن چيو ته سي پيڪ رٿائن خاص طور تي اقتصادي زونز ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آه?? ۽ ان حوالي سان سعودي پرڏيهي وزير کي آگاه ڪيو آه??. ان موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود چيو ته پا?? سعودي ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جا خواهشمند آه??ون. ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آه??. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار، ڀائراڻا ناتا قائم آه??. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح تي ڳالهين کي هٿي وٺرائي ويندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار جا وسيع موقعا موجود آه??. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ۾ لکين پاڪستاني ترسيل آه??، جيڪي سعودي عرب جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي?? آهن، هن چيو ته خطي جي سلامتي انتهائي عزيز آه?? ۽ ان سلامتي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکيو ويندو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب طرفان پرڏيهي وزارت ۾ فوڪل پرسنز مقرر ڪرڻ تي اتفاق، اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو: پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي جي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان گڏ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔