اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ نوٽري پبلڪ جي نامزدگي جي حوالي سان پنهنجي فيصلي تي عملدر??مد يقيني بڻائي، ان قدم سان ٻاهرين ملڪ دستاويزن جي تصديق ۽ مختيار نامو ج??ري ڪرڻ جي طريقيڪار ک?? آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ان حوالي سان 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو ??ظهار ڪيو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي ته 15 اپريل 2015ع تي ڪيل پنهنجي فيصلي تي بنا دير قانون موجب عملدر??مد يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري وفاقي محتسب جي فيصلي تي عملدرامد نه ٿيڻ جي خلاف صدر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. وفاقي محتسب 15 اپريل 2015ع تي پنهنجي فيصلي ۾ گهرو وزارت کي آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ نوٽري پبلڪ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪي سمنڊ پار پاڪستانين جي دستاويزن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ ان فيصلي تي عملدر??مد جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي جنهن تي 18 جون 2015ع تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهينن ۾ مناس?? حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي ضروري هدايتون ج??ري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عملدر??مد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
صدر پاران وفاقي محتسب کي پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa