اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي ??ان هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته تعليم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ ??ان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت ??ان جديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي فروغ جي حوالي ??ان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ تعليم جي فروغ، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ هنرمندي جي تعليم جي حوالي ??ان اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪريٽري، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، اين آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليم واري وزارت پاران تعليمي نظام ۾ سڌارن، ڪوورنا وبا دوران فاصلاتي تعليم جي حوالي ??ان قدمن، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، سڄي ملڪ ۾ اسڪلز فار آل منصوبن جي شروعات، ڊيجيٽل لٽريسي ۽ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي ??ان مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران تعليم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے