اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوريت سان واڳيل آهي ۽ ان ئي رستي تي هلي ??سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي يقيني بڻائي سگهون ٿا. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ 70 هين جشن آزادي جي موقعي تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ??ري رهيو هو. ان کان اڳ هن وزيراعظم محمد نواز شريف سان گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ چيف آف آرمي اسٽا?? جنرل راحيل شريف، قومي اسيمبلي ??و اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير، سروسز چيفس، مختلف م??ڪن جا سفير، خاتون اول بيگم محموده ممنون ۽ معاشري جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تحريڪ پاڪستان جهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي ??ناح جمهوريت کي هڪ مسلمان جي زندگي جو لازمي حصو تصور ڪندو هو ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ کي فرض سمجهندو هو.
پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوريت سان واڳيل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری