بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) چين پنهنجي ملڪ ۾ سي??حت ۽ عالمي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 09 ملڪ شامل ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا، ناروي، فن لينڊ، سلواڪيا، ڊينمارڪ، آئيس لينڊ اندورا، موناڪو ۽ ليڪٽنسٽائن جا شهري چين ۾ بنان ويزا جي داخل ٿي سگهندا. چين جي پرڏيهي وزارت موجب 8 نومبر کان انهن ملڪن جا شهري ڪاروباري، سي??حت، خاندان جي ماڻهن س??ن ملاقات يا ٽرانزٽ لاءِ چين ۾ ويزا بنا داخل ٿي سگهندا. اها پاليسي ايندڙ سال جي آخر تائين لاڳو رهندي جنهن کان پوءِ چين ۾ ويزا فري لسٽ ۾ ڪل ملڪن جو انگ 25 ٿي ويندو. چين ڪورونا بعد گذريل سال کان غير ملڪي شهرين تي لاڳو سفري پابندي ۾ نرمي ڪري رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي معيشت ۾ بهتر رجحان اچي ۽ آمريڪا، يورپ ۽ ايشيائي ملڪن س??ن ڇڪتاڻ گهٽ ڪري سگهجي. ان کان اڳ فرانس ۽ جرمني سميت 16 ملڪن جي شهرين کي ڪاروبار، سي??حت، فيملي وزٽ ۽ ٽرانزٽ لاءِ 15 ڏينهن تائين بنان ويزا جي ??ين ۾ داخل ٿيڻ ج?? اجازت هئي. ٻئي پاسي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيا سميت وڌيڪ 54 ملڪن جي شهرين کي چين جي 37 داخلي بندرگاهن ۾ ڪنهن هڪ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ بنان ويزا جي 72 يا 144 ڪلاڪن تائين ترسڻ ج?? اجازت آهي، ان شرط تي ته سندس وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جو آن ورڊ ??ڪيٽ موجود هجي. نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن موجب سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين چين جو دورو ڪيو جيڪو هر سال 152 سيڪڙو جو اضافو آهي. هن س??ل جنوري ۾ جون تائين 85 لک کان به وڌيڪ ويزا فري سي??حن جي ملڪ ۾ داخلا ريڪارڊ ??ي جيڪا اندروني ملڪ چين جي سفر جو 58 سيڪڙو بڻجي ٿي . جولائي کان سيپٽمبر جي عرصي دوران 81 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين چين جو دورو ڪيو. انهن مان 49 لک ويزا فري انٽريون هيون.
چين جي ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 9 ملڪ شامل
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم