گڏيل ق??مو??-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ گذريل ڏينهن ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي جنهن جي ذميواري داعش خراسان قبول ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن گذريل ڏينهن پريس بيان ۾ ڪابل ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلين ۾ افغانستان س??ن گڏوگڏ دنيا ۾ ا??ن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي. هن ز??ر ڀريو ته دهشتگردي جي ڪا??رو??ين ۾ ملوث عنصرن، مالي مدد ۽ سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي ز??ر ڀريو ته اهي عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تحت پنهنجي ذميوارين موجب ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن س??ن فعال تعاون ڪن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڪابل ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو