نيويارڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر جو ??ائيڊن جو چوڻ آهي ته سندس ملڪ ۾ تشدد ۽ نفرت جي ڪا به گنجائش نه آهي. هن ملڪ جي ووٽرن تي زور ڀريو آهي ته اهي جمهوريت جي حفاظت ڪن. جوبائيڊن موجب آمريڪا هن وقت نازڪ دور ما?? گذري رهيو آهي. العربيه موجب جوبائيڊن اها ڳالهه شڪاگو ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??ئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن زور سان تاڙيون وڄائي سندس گرم جوشي سان استقبال ڪيو. جوبائيڊن اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومتي دور تي روشني وجهندي ??يو ته ساڄي ڌر ??ي شدت پسندن کي ٽرمپ جي صورت ۾ هڪ اتحادي ملي ويو هو. ٽرمپ چيو هو ته ساڄي ڌر ??ي شدت پسندن ۾ سٺا ماڻهون به آهن. صدر ??وبائيدن باور ڪرايو ته ريپبلڪن پارٽي جو ??ميدوار ناڪام انسان آهي. بائيڊن وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سرحدن جي حوالي سان لڳاتار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. ان کان اڳ هن نمائندن واري ايوان ۾ ريپبلڪن جي سهڪار سان سرحدي قانون جو قتل ڪيو هو.
اسان جي ملڪ ۾ تشدد جي ڪا به جڳهه ناهي، ڊونلڊ ٽرمپ ڪوڙو ۽ ناڪام شخص آهي: آمريڪي صدر جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : کڑک