بيجنگ -08 جولاءِ (ا?? پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو آهي، ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر امن، ترقي ۽ استحڪام جو هڪ مستقل ذريعو آهي. هن چين ۽ ڏکڻ ايشيا وچ ۾ سهڪار تي سنکهوا يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ورل?? پيس فورم 2025ع ۾ پنهنجي رمارڪس ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خصوصي ۽ منفرد لاڳاپ?? تي روشني وڌي جيڪي گڏيل احترام، برابري ۽ سٺي پاڙيسري جي جذب?? تي قائم آهن جن ۾ ڏکڻ ايشيائي ملڪن وچ ۾ به سهڪار تي ٻڌل هم آهنگي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپ?? تي زور شامل آهي. هن جٽادار ترقي ۽ امن وچ ۾ مربوط رابط?? تي زور ڏيندي چين جي گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو (جي ايس آءِ)، گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ) ۽ گلوبل سولائزيشن انيشيٽو (جي سي آءِ) کي ساراهيو جنهن ۾ قومون بشمول ڏکڻ ايشيا وچ ۾ ڳالهين ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪيو ويو آهي. پاڪستاني سفير س?? پيڪ تحت اهم سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ سهڪ??ر ڪرڻ ??ي چين جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو جڏهن پاڪستان کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي. هن گڏيل مستقبل جي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي س?? پيڪ کي قديم شاهراه ريشم جو جديد دور جو مظهر قرار ڏنو جيڪو چين ۽ ڏکڻ ايشيا کي ملائي ٿو. عوامي ۽ واپاري رابطن جي سهولت فراهم ڪري ٿو. پاڪستاني سفير ڄمون ڪشمير جي باري ۾ چين جي مستقل ۽ اصولي موقف کي به ساراهيو جنهن سبب تڪرار جي منصفاڻي ۽ پراڻي حل لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائ?? تي زور ڀريو ويو آهي. هن علائقائي سهڪار بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن تحت اڳيان وڌڻ جي نقطه نظر سان نئين زندگ?? پيدا ڪرڻ تي به زور ڀريو.
چين ۽ پاڪستان جي دوستي ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جو مستقل ذريعو آهي: خليل هاشمي
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada