واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپ??يم ڪورٽ اڳو??ي صدر ڊونلڊ ٽر??پ کي جنوري 2021ع ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي آمريڪي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اڳو??ي صدر چيو آهي ته هو ان فيصلي خلاف سپ??يم ڪورٽ ۾ اپيل ڪندو. انڊپينڊنٽ اردو جي رپورٽ موجب اهو عدالتي حڪم جيڪو رڳ?? ڪولوراڊو پرائمري بيلٽ تي لاڳو ٿئي ٿو، ڪولوراڊو جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته پينل جي ميمبرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته صدر ٽر??پ کي رياست جي آئين جي 14 هين ترميم جي سيڪشن ٽي تحت صدر جي عهدي لاءِ نااهل قرا?? ڏنو وڃي ٿو، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ ڪولوراڊو سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي چونڊ ضابطن تحت صدارتي پرائمري بيلٽ تي اميدوار طور ڊونلڊ ٽرمپ جي داخلا غلط هوندي. عدالتي حڪم موجب ڊونلڊ ٽرمپ 4 جنوري 2024ع تائين ان فيصلي خلاف آمريڪي سپ??يم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ترجمان اسٽيون چيونگ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان جلد ئي سپ??يم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ۽ ان شديد غير جمهوري فيصلي کي روڪڻ لاءِ گڏجي درخواست داخل ڪنداسين. هن ڪيس جو فيصلو ڪندڙ ججن تي ڊيموڪريٽس جا مقرر ڪيل هجڻ جو الزام لڳايو. هن چيو ته ڊيموڪريٽ پارٽي جي اڳواڻ ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ ۾ وڌندڙ مقبوليت سبب مايوسي جي حالت ۾ آهي، ان فيصلي تي سينئر ريپبلڪن اڳواڻن طرفان تنقيد به ڪئي وئي جنهن ۾ 2016ع جي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو مخالف سينيٽر مارڪورو بيو به شامل آهي، 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ نامزدگي جي ڊور ۾ شامل وويڪ راما سوامي ان کي سياسي مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاءِ چونڊ مداخلت جو حربو قرا?? ڏنو. هن هڪ بيان ۾ چيو ته هي فيصلو جمهوريت تي حملو آهي.
آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی