گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وزارتي سيشن کان پوءِ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته ??لس??ين مسئلو منصفاڻي حل کان سواءِ خطي ۾ امن جو قيام ناممڪن آهي. ان موقعي تي سعودي عهديدارن سان گڏ اردن جو پرڏيهي وزير ايمن الصفدي، ??لس??ين جي پرڏيهي وزير رياض المالڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري پڻ موجود هئا. اردن جي پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جنگ روڪڻ لاءِ موثر قدم نه کنيا ويا ته اسرائيل ۽ حماس جي جنگ اولهه ڪناري ۾ پکڙجڻ کان علاوه لبنان ۽ ٻين محاذن تي پکڙجي ويندي. جنگ جي پکڙجڻ جو سنجيده خطرو موجود اهي. واضح رهي ته اسرائيل پاران غزه تي بمباري ٻن هفتن کا?? وڌيڪ وقت جاري ره?? آهي، ان دوران 5 هزار کا?? وڌيڪ ??لس??يني شهيد ٿي چڪا اهن جڏهن ته 1400 اسرائيلي مارجي ويا آهن. 23 لک کا?? وڌيڪ آبادي مسلسل لاڪ ڊائون سبب کائڻ پيئڻ جي شين کان محروم آهي. جڏهن ته لکين ??لس??يني شهري بمباري سبب گ??ر ڊهڻ سبب بي گهر ٿي چڪا آهن.
عرب پرڏيهي وزيرن جو اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ فوري جنگ بندي جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا