بيجنگ-17 آڪٽوبر (اي پي پي)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چين جي دوري تي بيجنگ پهچي ويو.اڱاري ڏينهن بيجنگ پهچڻ تي چيني قيادت طرفان روس جي صدر جو والهاڻو استقب??ل ڪيو ويو. روس جو صدر اڄ پنهنجي هم منصب ۽ ويجهي دوست شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو جڏ??ن ته بيلٽ اي??ڊ روڊ انيشيٽو جي فورم جي سربراهي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. روس ۽ چين جي سربراهن جي ملاقات هڪ اهڙي موقعي تي ٿي رهي آهي جڏ??ن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ سڄي سفارتي دنيا تي گهرا اثر ڇڏي رهي آهي. اڱاري ڏينهن روس جي صدر جي روانگي کان اڳ ڪريملن مان جاري بيان موجب ٻنهي صدرن وچ ۾ ڳالهين دوران عالمي ۽ علائقائي مسئل?? تي خاص ڌيان ڏن?? ويندو. چين هن سال جي شروع ۾ حماس جي اهم حمايتي ايران ۽ ان جي علائقائي دشمن سعودي عرب وچ ۾ هڪ امن معاهدي جي ثالثي ڪئي هئي ۽ هو هن هفتي پهنجي وچ اوڀر جي اي??چي زائي جون کي فسلطين موڪليندو جيڪو جنگ بندي ۽ امن ڳالهي?? تي زور ڀريندو.
روس جو صدر ولاديمير پيوٽن چين جي دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste