رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ??ي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان حماس طرفان اسرائيل تي ??وچتي ??ملي بعد تشدد ۾ واڌ کي گهٽائڻ تي ??ور ڀريو آهي، عرب نيوز مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سعودي عرب سمورين ڌرين تي ??ور ڀري ٿو ته اهي عالمي قانون جو احترام ڪن. هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ٽيليفون تي ??ابطو ڪيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خطرن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضروري طريقو ڳولهڻ جي ڪوششن جي ضرورت تي ??ور ڀريو. ٻنهي ڌرين درپيش بحران جي ناڪاري اثرن جو دائرو مهدود ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جي گڏجي ڪم ڪرڻ واري اهميت اجاگر ڪئي ته جيئن عالمي امن ۽ سلامتي ??ي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي.علائقائي ۽ عالمي حالتن ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي ??ه غور ويچار ڪيو. ياد رهي ته اسرائيل جي فوج حماس جي عسڪريت پسندن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. ان کان علاوه شهزاده فيصل بن فرحان سان فرانس ۽ هالينڊ ??ي پرڏيهي وزيرن به ٽيليفون تي ??ابطو ڪيو. فرانس ??ي پرڏيهي وزير غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تازي صورتحال ۽ اتي ??اري ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ڪنهن به حالت ۾ شهرين کي نشانو بنائڻ جو مخالف آهي. سموريون ڌريون عالمي انساني قانون جو احترام ڪن، هالينڊ ??ي پرڏيهي وزير سعودي پرڏيهي وزير سان فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پيدا ٿيل غيرمعمولي صورتحال تي ??ه ڳالهيون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون.
سعودي عرب طرفان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ تشدد ۾ واڌ ختم ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ