ڍاڪا -02 آڪٽوبر (اي پي پي) بنگلاديش جي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ ??ان روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير بڌايو ته حڪومت سندس پرڏيهه وڃڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ۽ جيل مان آزادي جي ايگزيڪيوٽو آرڊر کيس سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ طبي سار سنڀال لاءِ پرڏيهه وڃڻ ??ان روڪي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي وڪيل قيصر ڪمال حڪومتي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته 78 ورهين جي پيرسن اڳوڻي وزيراعظم کي پرڏيهه وڃڻ ??ان روڪڻ سياسي انتقام آهي، جنوري جي پڇاڙي ۾ بنگلاديش ۾ عام چونڊون ٿينديون، ڪيترن ئي اولهه جي حڪومتن ۽ ا??سا??ي حقن جي تنظيمن ملڪ ۾ سياسي ماحول تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. 2008ع ۾ خالده ضيا کي ڪرپشن جي الزام ۾ 17 سال قيد جي سزا ٿي هئي. گهر ۾ نظربند ٿيڻ ??ان اڳ هن 2 سال جيل ۾ به گذاريا، هن پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کي رد ڪيو هو. اڳوڻي وزيراعظم جي ڊاڪٽر چيو آهي، ته آگسٽ ??ان وٺي خالده ضيا جگر جي بيماري، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ شگر جي ڪري اسپتال داخل آهي. کيس دل جي بيماري، سنڌن ۽ گوڏن ۾ پڻ تڪليف آهي. گذريل مهيني خالده ضيا جي ڪٽنب حڪومت کي خط لکيو هو جنهن ۾ علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اپ??ل ڪئي هئي.
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي پرڏيهه ۾ علاج لاءِ وڃڻ کان روڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا