اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي گڏيل قومن جي 10??ين الائنس آف سولائزيشنز (يو اين اي او سي) گلوبل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب يو اين اي او سي جي اعليٰ سطحي گروپ آف فرينڊز جي وزارتي ميٽنگ ۽ ??ذه??ي جاين جي حفاظت تي عالمي ڪانفرنس ڪاسڪيس پرتگال ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ وفد ۾ پرتگال ۾ پاڪستان جو سف??ر خالد اعجاز پڻ شامل هو. عمران احمد صديقي ان موقعي تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ج?? پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مسجدن تي ڄاڻي واڻي حملن، جيڪي اڪثر ڇوٽ ۽ رياستي اجازت سان ڪيا وڃن ٿا، ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن يو اين اي او سي تي زور ڏنو ته اها تباهي جي خطري ۾ ورتل مسجدن ۽ ٻين اسلامي ??ذه??ي ۽ ثقافتي ورثو رکندڙ جاين جي تحفظ کي ترجيح ڏي.
ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي يو اين اي او سي جي گلوبل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ