اسلام آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي شعبي ۾ پاڪست??ن جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙ ماحول دوست ۽ شفافيت جي عالمي معيار تي پورا لهي رهيا آهن، حڪومت به ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪست??ن جي پنجين عالمي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر نمائش ٽيڪسپو 2024ع جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. نمائش جو افتتاح وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ نمائش جي مهمان خاص وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪيو جڏهن ته خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪر??م ڪنڊي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر جي صنعتن ۾ پاڪست??ن جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ٽيڪسپو ۾ جديد مصنوعات جي نمائش، ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر مصنوعات پاڪست??ن جي قومي روانگي واپار جو 60 سيڪڙو حصو آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن عالمي معيار مطابق پاڻ کي تيار ڪر?? رهيون آهن. حڪومت ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي اهي. ڪووڊ-19 دوران پاڪست??ن جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو ??زم ۽ جدوجهد تعريف جوڳا آهن. حڪومت صنعتن کي سستي اگهه تي توانائي فراهم ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. 2022ع ۾ 18.86 ارب ڊالرز جو تاريخي روانگي واپار ٿيو. پاڪست??ن جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو مستقبل روشن ۽ پائيدار آهي، اسان ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ تي ڪم ڪر?? رهيا آهيون. ان موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪر??م ڪنڊيءَ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي پشاور ۾ به هڪ اهڙي ئي ٽيڪسپو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيترو محفوظ ملڪ آهي، جتي اڄ 52 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. ڄام ڪمال خان سمورن پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي آجيان ڪندي هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو.
ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر جي شعبي ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي: واپار وارو وزير ڄام ڪمال
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی