اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمن?? بلوچ سان آفريقي سفيرن پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان آفريقا دوستي جي موضوع تحت وڻڪاري جي خصوصي تقريب م??عق?? ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمن?? بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ آفريقي کنڊ جي 14 سفيرن جي آجيان ڪئي. اها ملاقات حڪومت جي ”انگيج آفريقا پاليسي“ موجب پرڏيهي وزارت جي آفريقا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان جا آفريقا کنڊ ۾ 19 سفارتي مشنز آهن، جڏهن ته 14 آفريقي مشنز اسلام آباد ۾ قائم آهن. ان موقعي تي پاڪستان آفريقا دوستي جي موضوع تحت وڻڪاري جي خصوصي تقريب م??عق?? ٿي. وزارت جي لان ۾ وڻڪاري کانپوءِ سفيرن پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏيل ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هن پنهنجي ترجيحن ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي اهم رخن جو خاڪو پيش ڪ??و. ??رڏيهي سيڪريٽري آمن?? بلوچ پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ اسلام آباد ۾ مقرر آفريقي سفيرن جي تعاون کي ساراه??و. ??ن مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اعليٰ سطح جي سياسي لاڳاپن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ گذريل چئن سالن ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش موجود آهي. سلطنت مراڪش جي سفير ۽ آفريقي ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين محمد ڪارمون ان موقعي تي مٽاسٽا جي گڏيل خيالن جو موقعو فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا ۽ وڻڪاري جي بي مثال تقريب کي ساراهيو.
پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان آفريقي سفيرن جي گڏيل ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار