اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽپال کاتي صارفين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ جي 27 شهرن ۾ اڄ کان ”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، ج??هن کي ڪاروباري برادريءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪستان پوسٽ جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان پوسٽ سڄي ملڪ جو قومي ادارو آهي، ج??ڪو ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ صارفين کي پيشوراڻين خدمتن سان گڏوگڏ الا??يڊ سروسز فراهم ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته اڄ جي ٽپال اڄ ئي پڄائڻ تحت 5 کان 20 ڪلوگرام سامان جي رسد جي سروس فراهم ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته شروعات ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه سميت هڪ ٻن وڏن شهرن ۾ سامان ۽ پارسل جي رسد آزمائشي بنيادن تي شروع ڪئي وئي، ج??هن کي ڪاروباري برادريءَ جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل ٿي. پوسٽ عملدارن ٻُڌاي?? ته ان وقت ملڪ جي 27 وڏن شهرن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته ان حوالي سان هي سروس ٻين ڪوريئر ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ انتهائي سستي ترين سروس فراهم ڪري رهي آهي. پاڪستان پوسٽ مستقبل ۾ اها سهولت ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ به شروع ڪندي جنهن سان گهريلو ۽ ڪاروباري ٻنهي صارفين کي بااعتماد سروس گهر جي دروازي تي مي??ر هوندي.
پاڪستان ٽپال پاران ملڪ جي 27 شهرن ۾”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت شروع
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável