اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري مس??مان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مس??مان ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيا??ن جو اظهار مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪ??ر صلاح بن محمد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چ??و ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. صد?? چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صد?? چيو ته سعودي عرب ويجهو دوست آهي، پاڪستان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪ??ر صلاح بن محمد چيو ته سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مضبوط حصيداري آهي. هن چيو ته ٻنهي ملن کي اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪ??ر صلاح بن محمد سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جي شروع ڪيل سڌارن سان سعودي عرب ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. صد?? آصف علي زرداري شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دورانديش قيادت کي ساراهيندي چ??و ته اميد آهي ته مسجد نبوي ﷺ جي امام جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي.
مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا