اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشمير مسئلي جي منص??اڻ?? حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پ??ڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم کي آزاد ڪشمير جي دوري جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي آزاد ڪشمير ۾ توانائي، پاڻي ذخيرن، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي پراڻي مسئلن جي حل تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪشمير مسئلي جي منص??اڻ?? حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پ??ڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري دائود محمد باريچ پڻ موجود هو.
پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا