مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌر?? لطيف اڪبر چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي باوقار پائيدار حل جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر سيڪيورٽي ڪائونسل جي منظور ٿيل قراردادن موجب ڏيڍ ڪروڙ ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق نه ڏنو ويو ته ٻنهي ائٽمي ملڪن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جنگ ۾ تبديل ٿي ??گهي ٿي ??نهن سان عالمي امن تباهه ٿي ??گهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ ڪورٽ گرائونڊ ۾ 76 هين يوم تاسيس جي سالياني قومي ميڙ ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌر?? لطيف اڪبر چيو ته ڊيڊ لاڪ امن ڳالهين ۾ سالن کان تعطل سبب پيدا ٿيندڙ اشتعال انگيز صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انٽرا ڪشمير ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لازمي ٿي چڪو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بنياد پرست پاليسين ڀارت جي پنهنجي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪڏهن به ٻ??رف??ون ڳالهيون ڪامياب ناهن ٿيون جيستائين ٽئين ڌر کي شامل نه ڪيو ويو هجي ان لاءِ ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ٽه ڌريي ڳالهين ۾ ممڪن آهي ڇو ته اصل ڌر به ڪشميري عوام آهي ۽ ٽن نسلن کان قربانين جو تسلسل به انهن ئي جاري رکيو آهي، ڪشمير مسئلي تي وفاقي حڪومت ٻنهي ??رف?? جي ڪشميري قيادت کي اعتمادسازي جي عمل ۾ شامل ڪري نئين سر ڪشمير پاليسي تي ڌيان ڏي، تاريخ ڪشمير جي پس منظر پيش منظر ۽ آئيني قانوني رخن تي پڪڙ رکڻ واري شخصيتن جا وفد ٻاهرئين ملڪ موڪليا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي انساني ۽ شهري حقن کي پٺتي وجهي ظلم ۽ ڏاڍ جو دور مڙهيو ويو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڪشمير تي جارحيت جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ لڳل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چوڌر?? لطيف اڪبر چيو ته پاڪستان هن وقت پاڻ معاشي اقتصا??ي مشڪلاتن ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو هر رخ سان تحفظ ڪيو. بهادر پاڪ فوج ٽي جنگيون وڙهندي ايمان جي قوت ۽ قومي غيرت بهادري جرئتمنداڻي تاريخ لکي. هن ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي وارثن کي يقين ڏياريو ته گهاٽي واڌي ٿي ??گهي ٿي پر ان آزادي جي مقدس مشن کي منطقي انجام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين.
ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ٽه ڌريي ڳالهين ۾ ممڪن آهي: چوڌري لطيف اڪبر
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال