ڪراچي – 22 – ??ارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مادر ??مهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر ??مهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي، بي پناهه مشڪلاتُون ۽ المناڪ صدما برداشت ڪيا پر جمهوريت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو جهڪڻ نه ڏنو، مادر ??مهوريت بيگم نصرت ڀٽو بي مثال صبر، جرئت ۽ مفاهمت جو استعارو هئي، سندس ذڪر کانسواءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ اڻ مڪمل آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بيگم نصرت ڀٽو جي 94 هين ولادت جي ڏهاڙي تي بلاول ڀٽوزرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو بها??ر ۽ مدبر عورت ۽ پروقار شخصيت جي مالڪ هئي. هوءَ هر قسم جي حالتن ۾قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ جي پهرين چونڊي?? وزيراعظم جي عدالتي قتل کانپوءِ جهڙي طرح پنهنجي ذاتي ڏک ۽ مصيبتن کي وساري قوم جي وسيع تر مفاد کي مٿانهون رکندي آمريت جي خلاف جدوجهد ڪئي، تاريخ ڪڏهن نه وساريندي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد ?? قربانيون اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. مادر ??مهوريت بيگم نصرت ڀٽو هر جيالي ۽ پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي.
مادر جمهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری