اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي شموليت ۽ اضافي جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عورتن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿين ۽ اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي سڄي دنيا ۾ عورتن جي خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهڻ ۽ انهن چئلينجن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهمڪري ٿو جن سا?? صنفي برابري حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڃا به منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ اهم شعبو جيڪو اسان جي ڌيان جو گهرجائو آهي، اهو صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۾ ٽيڪ??ال??جي ۽ اختراع جو ڪردار آهي. ڊيجيٽل تفريق عورتن جي ٽيڪ??ال??جي، تعليم ۽ ملازمت جي موقعن تائين پهچ کي متاثر ڪري ٿي جنهن سا?? انهن جا معاشي ۽ سماجي اختيار محدود ٿين ٿا. اسان کي ٽيڪ??ال??جي ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جرئتمنداڻي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازن سا??ن ۾ نمايان اڳڀرائي جي باوجود ٽيڪ انڊسٽ??ي ۾ عورتن جي شموليت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪ??ال??جيز تائين انهن جي پهچ گهٽ آهي. ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان ۾ عورتن پاران ڊيجيٽل ٽيڪ??ال??جيز کي اختيار ڪرڻ ??ي رجحان ۾ اض??فو ڏٺو ويو. وڌيڪ اهو ته عورتون هاڻي تعليم، ڪاروبار ۽ سوشلائيزيسن جي لاءِ آن لائين پليٽ فارم استعمال ڪري رهيون آهن. اهو پاڪستان ۾ عورتن جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو ڊيجيٽل ٽيڪ??ال??جي مان فائدو کڻندي پري کان ڪم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي روزگار جا موقعا ڳولي رهيون آهن. جيتوڻيڪ اهو ڪافي حوصلي جوڳو آهي، اسان کي اڃا به ڊيجيٽل ٽيڪ??ال??جيز ۽ پليٽ فارمز تائين انهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪم ڳولڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال ڪندي عورتون انهن ڪيترين ئي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي سگهن ٿيون جن جو انهن کي روايتي صنعتن ۾ منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ان جي نتيجي ۾ عورتن کي افرادي قوت جو حصو بڻجڻ ۽ معيشت ۾ حصو وجهڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي. خاتون اول چيو ته اسان کي ڊيجيٽل وسيلن تائين پهچ وڌائن، ٽيڪ??ال??جي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي سازگار ماحول جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو عورتن کي ٽيڪ??ال??جي سا?? لاڳاپيل شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. هن چيو ته اسان کي ٽيڪ ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ گهرجي جيڪو عورتن جي شموليت ??ي راهه ۾ رڪاوٽ آهي ۽ انهن جي ترقي جا موقعا محدود ڪري ٿو. اسان کي شموليت ۽ واڌ جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عورتون ترقي ڪري سگهن ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن کي حاصل ڪري سگهن. اچو اسان وچن ڪريون ته ٽيڪ??ال??جي سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ صنفي برابري جي لاءِ ڪم ڪنداسين. گڏجي هڪ اهڙو مستقبل بڻائي سگهون ٿا جتي عورتن کي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي ۽ اهي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن.
زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق