اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي، هن آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن ج?? لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخ??لف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي سي??يٽ ۾ اڪثريتي اڳواڻ سي??يٽر چڪ شومر جي قيادت ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ آمريڪي سي??يٽ جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سي??يٽر ماريا ڪينٽ ويل، ايمي ڪلوبوچر، گيري پيٽرز، ڪيٿرين ڪورٽيز ۽ پيٽر ويلچ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻي تعاون جي اهميت ۽ ان حصيداري کي مضبوط ۽ گهڻ رخو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا سياسي سطح تي هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ ج?? لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گذريل سال سفارت?? لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيا، اهو سفارتي سنگ ميل پاڪ آمريڪا ٻطرفن ??اڳ??پن جي مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ۽ اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن ج?? لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخ??لف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. سي??يٽر شومر وفد پاران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي وسيع تر تعاون جي ذريعي مختلف رخن ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن ??اڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو.
پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڀائتي ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان