ايبٽ آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آهي ۽ ان جي ڊگهي داستان آهي، آءِ ايم ايف وٽ اتحادي حڪومت نه وئي عمران خان و??و هو، اسان آءِ ايم ايف پروگرام اڳ ۾ به مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرائپ طرف کڻي وينداسين، صحا??ين جو ??حفظ ۽ انهن کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز خيبرپختونخواهه ۾ هزاره مان تنظيمي اجلاسن ۽ ورڪرز ڪنوينشنز جي شروعات ڪئي، هن هتي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، سوشل ميڊيا ونگ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) خاص طور تي نواز شريف جو پوري خيبرپختونخواهه خاص طور تي هزاره جي عوام سان محبت جو ??شتو آهي، جڏهن به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ??قت??ار ۾ آئي سدائين هزاره ۽ خيبرپختونخواهه جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته 2014ع ۾ محمد نواز شريف صحت ڪارڊ خيبرپختونخواهه مان جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه عرصو اڳ هزاره اليڪٽرڪ ڪمپني جو ??فتتاح ڪيو. هن چيو ته هزاره موٽروي نواز شريف جي هزاره جي عوام سان محبت جي نشاني آهي، شهباز شريف پنجاب کي ترقي يافته بڻايو، انهي طرز ??ي خيبرپختونخواهه کي ترقي يافته بڻائڻ چاهيون ٿا، جتي ميٽرو، اسپتال، ليبارٽريز، انفارميشن ٽيڪنالاجي جا مرڪز، يونيورسٽيون ۽ اسڪولز هجن، گذريل 10 سالن دوران خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت رهي، اهڙي ڪا اسپتال يا اسڪول ته ڇڏيو ان ۾ ڪو ڪمرو ئي ڏيکاري ڇڏيو جيڪو انهن ٺاه??و هجي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب باقي پريس ڪلبن جي لاءِ هڪ مثال آهي، هزاره پريس ڪلب جي صحا??ين جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جڏهن اسلام آباد ۾ انهن جي حلف برداري جي تقريب ٿيندي ته انهن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، پريس ڪلب ۾ جديد اسٽوڊيو جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين ڇو ته پريس ڪلب ۾ اسٽوڊيو وقت جي ضرورت آهي، هزاره پريس ڪلب جي فرنيچر سميت ٻين ضرورتن جو پڻ جائزو وٺنداسين، هزاره پريس ڪلب جي صحا??ين جي لاءِ اڳ ۾ ئي فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ۽ عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي، پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آهي ۽ ان جي ڊگهي داستان آهي. مريم اورنگزيب چيو ته چار سال صحا??ين سان رستن تي وقت گذاريو، انهن جي مشڪلاتن جو ??ندازو آهي، صحا??ين جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جو ??ل انساني حقن واري وزارت کي موڪليو و??و هو اهو واپس اطلاعات واري وزارت وٽ گهرايو ته جيئن ان جا قاعدا ۽ ضابطا ٺاهي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي، ايندڙ هفتي ان جي ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي، صحا??ين جي تحفظ جي لاءِ انهن جي سفارشن ۽ مشاورت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، هزاره جي صحا??ين جي نمائندي ثاقب بشير کي ڪميٽي ۾ شامل ڪنداسين. هن چيو ته پيمرا ايڪٽ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، پهريون ڀيرو ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس کي نمائندگي ڏني وئي آهي ان سان اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪارڪنن جون شڪايتون حل ٿينديون. هن چيو ته اشتهارن جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ چار مهينن جو وقت ڏنو آهي، جيڪو ادارو پگهار نه ڏيندو ان جا اشتهار بند ڪري ڇڏينداسين، ان حوالي سان ترميم وفاقي ڪابينا مان منظور ٿي چڪي آهي ۽ ان کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. بعد ۾ صحا??ين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي ميڊيا کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي، ڳالهه ٻولهه جو ??مل مڪمل ٿي ويو آهي، ورچوئل اجلاس سومر کان ٿيندو، طريقيڪار موجب آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ??جلاس ٿيندو جنهن کانپوءِ معاهدي جو ??اضابطا اعلان ڪيو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت مارچ ۾ معاهدي جي ابتڙ سبسڊي ڏني جڏهن ته عمران خان ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، 2016ع ۾ محمد نواز شريف آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪيو، ان پروگرام دوران ماني، کنڊ، اٽي، گئس سميت ڪنهن به شيءَ جي قيمت ۾ اضافو نه ٿيو، 5 سالن دوران کنڊ جي قيمت 52 رپيا في ڪلو ۽ اٽي جي قيمت 35 رپيا في ڪلو رهي، هاڻي عمران خان جي ٽيم آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون، هي مهانگائي انهن جو ??حفو آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان جو ??وام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي ۽ اميد آهي ته معاهدي کانپوءِ ائين ئي ٿيندو. هن چيو ته جڏهن اسان ??قت??ار ۾ آياسين ته آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو معطل هو، ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو، اسان ان معاهدي کي بحال ڪيو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ هاڻي ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ڪيون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن پاڻ قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڏنيون، ان وقت انهن ڌمالُون هنيُون، پارليامينٽ کي گاريون ڏنيون، امپورٽيڊ چيو، اهي پنهنجي گذريل دور ۾ به پارليامينٽ تي لعنت وجهندا رهيا، اهي هر ڳالهه تي يوٽرن وٺن ٿا، انهن پارليامينٽ تان استعيفائن جو ??علان ڪيو، هاڻي پارليامينٽ ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته توهان جي منشا موجب پارليامينٽ هلي، توهان جي مرضي موجب سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ هلن، اليڪشن ڪميشن توهان جي ماتحت ادارو نه آهي، اهو آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جا صلاحڪار بنا پگهار جي ڪم ڪري رهيا آهن، مسلم ليگ (ن) جو ??ڳواڻ سردار نويد ڪالهه ڪنوينشن ۽ اڄ اجلاس ۾ موجود هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ اتحادي حڪومت نه وئي عمران خان و??و هو، آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، اسان اڳ ۾ به اهو پروگرام مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرائپ طرف وٺي وينداسين.
پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آهي ۽ ان جي ڊگهي داستان آهي، آءِ ايم ايف وٽ اتحادي حڪومت نه وئي عمران خان ويو هو، اسان آءِ ايم ايف پروگرام اڳ ۾ به مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار