اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دماغي صحت جي حوالي سان وزيراعظم آفيس، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ ايوان صدر جي قدمن کي هڪ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ مو??ر مصنوعي ذهانت (اي آئي) تي ٻڌل هيلپ لائين تيار ڪري سڄي ملڪ جي وڌ کان وڌ آبادي کي ذهني مسئلن بابت مشاورت فراهم ڪري سگهجي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر اهڙن خيالن جو اظهار دماغي صحت بابت فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صحت واري عالمي اداري، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽراسٽ سوسائٽي، تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو جي عهديدارن ۽ ميمبرن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته دماغي صحت جون سهولتون صحتمند معاشري ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اه?? آهن. برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي ماهرن کي معياري ۽ پيشيواراڻا مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ نظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. برطانيا ۾ پاڪستاني ڄاوا 2 هزار جي لڳ ڀڳ نفسياتي ماهر مو??ود آهن، جن کي سسٽم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. دماغي صحت جون خدمتون فراهم ڪندڙ نظام کي صحت جي ادارن ۾ دستياب مو??وده وسيلن سان ٺوس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خودڪشي کي هاڻي پاڪستان ۾ ڏوهه کان جدا ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ذهني صحت جو مسئلو سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ذهني صحت جي خدمتن کي آبادي تائين پهچائڻ تي ڌيان ۽ اه??يت ڏني پئي وڃي. لاڳاپيل ڌريون مالي ضرورتن جو تعين، فني ضرورتن، ماهرن جي خدمتن ۽ گه??بل ضروري فزيڪل انفراسٽرڪچر کي نظر ۾ رکندي ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته ذهني صحت فراهم ڪندڙ نظام کي جانچڻ، مڪمل طور ي فعال بڻائڻ کانپوءِ هڪ جامع ميڊيا مهم جي ضرورت پوندي، نظام ۾ ڪالز کي رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع طريقيڪار هجڻ گهرجي.
دماغي صحت جي حوالي سان وزيراعظم آفيس، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ ايوان صدر جي قدمن کي هڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں