اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ ر??بطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا جي نئين وزيراعظم ۽ عوام ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ??ي لاءِ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه ??ي لاءِ ملائيشيا سان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ??ڻا??ڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ?? پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي عالمي برادري پاڪستان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون ??ي لاءِ گڏ ٿيندي.
وزيراعظم جو ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste