اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ س??ڙپ??اري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت س??ڙپ??ار دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي، غيرملڪي س??ڙپ??ارن کي سيڙڪاري جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي ناليواري ڪاروباري شخصيت نجيب ساويرس جي قيادت هيٺ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نجيب ساويرس ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان س??ڙپ??ار دوست پاليسيز تي عمل ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻاهرئين س??ڙپ??ارن کي سموريون فراهم ڪندي. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ س??ڙپ??اري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن سان ٻاهريون س??ڙپ??ار ڪمپنيون فائدو کڻي سگهن ٿيون. نجيب ساويرس چيو ته انهن جو بزنس گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪامياب س??ڙپ??اري ڪري چڪو آهي. هن پاڪستان ۾ وڌيڪ شعبن ۾ خاص طور تي کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ س??ڙپ??اري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز