اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪي?? ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج ڪي?? ويو. پاڪستان واقعي جي فوري جاچ ج?? مطالبو ڪي?? آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪي?? ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. تر??مان چيو ته افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪي?? ويو ۽ فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقعي جي فوري جاچ ج?? مطالبو ڪي?? ويو. پرڏيهي آفيس جي تر??مان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخاني جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. تر??مان چيو ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. تر??مان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پرڏيهي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
پاڪستان ۾ افغانستان ناظم الامور پرڏيهي آفيس طلب، ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania