اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي علائقائي ۽ داخلي امن جي لاءِ افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ آئين جي دائري تحت ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان ع??ل جي نگراني جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ??ن ڳالهه کي ورجايو ??يو آهي ته ??ئين پاڪستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي، رياست پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ آهي. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب اجلاس ۾ قومي پارلياماني ۽ سياسي قيادت، سينيٽ چيئرمين، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي، دفاع بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرن، وفاقي وزيرن، صوبائي وڏن وزيرن کانسواءِ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس کي قومي سلامتي جي معاملن ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ تازي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ??يو. شرڪت ڪندڙن ورجايو ته ??هشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان غيرمعمولي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ??يو آهي. اجلاس قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جي ڪري ملڪ جي سمورن حصن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻجي. اجلاس ورجايو ته ??ئين پاڪستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي. اجلاس اي پي ايس سانحي سميت دهشتگردي جو نشانو بڻجڻ ۽ ان جي خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙن جي قربانين جو اعتراف ڪندي واضح ڪيو ته ??ياست پاڪستان پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ هئي، آهي ۽ رهندي. اجلاس بهادر قبائلي عوام کي پڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪندي اعتراف ڪيو ته ??نهن جي قربانين ۽ اهم حمايت سان شديد مشڪلاتن ۽ مصيبتن کانپوءِ امن ۽ استحڪام جي منزل حاصل ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ??يڪيورٽي فورسز جون موثر ۽ عملي ڪارروايون ڪليئر، هولڊ، تعمير ۽ اختيارن جي سول انتظاميا کي منتقلي جي حڪمت عملي جو حصو آهن. اجلاس زور ڏئي چيو ته پاڪستان جي عوام جي خواهشن موجب رياست انهن ع??ائقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي خوشحالي جي لاءِ پڪي عزم تي قائم آهي. افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان آئين پاڪستان جي دائري جي اندر رهندي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ته ??يئن ع??ائقائي ۽ داخلي امن کي استحڪام ملي سگهي. اجلاس قرار ڏنو ته ??تمي نتيجن تي عملدرآمد آئين پاڪستان جي حدن جي اندر ضابطي جي ڪارروائي جي تڪميل ۽ پاڪستان حڪومت جي منظوري کانپوءِ ٿيندو. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي ڳالهه ٻولهه جي ان ع??ل کي اڳتي وڌائڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پارلياماني اوورسائيٽ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني جيڪا آئيني حدن ۾ ان ع??ل جي نگراني جي ذميوار هوندي. اجلاس نيشنل گرينڊري ڪنسيلي ايشن ڊائيلاگ جي اهميت جي تائيد ڪندي قرار ڏنو ته ??ڄ جي ويهڪ ان رخ ۾ پهريون قدم آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر