اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست جي قيام طرف تاريخي قدم آهي. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريان محدود وسيلن واري پاڪستاني جيڪي پرائيويٽ اسپتالن ۾ بهترين علاج جو سوچي به نه سگهندا هئا هاڻي وزيراعظم ع??را?? خان پاران شروع ڪيل صحت ڪارڊ ذريعي هر خاندان ساليانو 10 لک روپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ع??را?? خان جو پروگرام منهنجو پاڪستان منهنجو گهر هر پاڪستاني جو ??وا?? آهي جيڪو تمام تيزي سان حقيقيت بڻجڻ شروع ٿي ويو آهي، گهٽ لاڳت، ٽي مرله، پنج مرله، 10 مرله گهرن لاءِ ??ئن??ون 120 ارب روپين جا قرض منظور ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 38 ارب روپين جا قرض ??ئن??ن ورهائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم ع??را?? خان جي محنت جي ڪري هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن سيڪٽر لاءِ ??ئن??ن جا قرض 355 ارب روپين تائين پهچي ويا آهن، جيڪي ڊسمبر 2020ع کان 163 ارب روپيا يعني 85 سيڪڙو وڌيڪ آهي جنهن سان هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن سان گڏ جڙيل 120 کان وڌيڪ صنعتن جي ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيو آهي.
صحت ڪارڊ مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست جي قيام طرف تاريخي قدم آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز