اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀني ??ان گهٽ آهن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کوهه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظاهر آ??ي ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪ??ڻو آ??ي ته قيمتون وڌن??يو??، اهو ئي اصول باقي آمدني واپا?? لاءِ آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اصل ڪاميابي اها آ??ي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ به خاطر خواه اضافو ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت هندستان کان بهتر آهي، پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب روپيا اضافي آمدني ٿي، هن چيو ته تعميرات ۽ انڊسٽريز سان لاڳاپيل ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو. مستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽيڻ تي وڌي.
ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔