اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته فوج حڪومتي پاليسين س??ن گڏ بيٺل آهي ۽ ماضي جي حڪومتن جي مقابلي ۾ فوج سان موجوده حڪومت جا شاندار لاڳاپا آهن، ڪنهن هڪ ملڪ طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان فلسطين جو مسئلو ختم نه ٿيندو، ان مسئلي جو حل پاڻ اسرائيل جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا مڪمل آزاد آهي ۽ ايستائين جو حڪومت ۽ وزيرن کي به ان کان تحفظ حاصل نه آهي، جيتري اسان جي حڪومت جي خلاف ميڊيا ۾ تنقيد ٿي ماضي ۾ ائين ناهي ٿيو، ڪجهه موقعن تي اسان جي خلاف ميڊيا جي ذريعي پروپيگنڊا ڪيو ويو، اسان جي ٻن س??لن جي حڪومتي دور ۾ سڀ کان وڏي تبديلي اها آئي آ??ي ته پاڪستان ۾ ايليٽ ڪلاس کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪرپشن جو ڪو به ميگا ڪيس سامهون ناهي آيو، هيٺين س??ح تي ڪرپشن جو اعتراف آ??ي تنهن هوندي به ان جي خاتمي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پون??ي. ??ير ملڪي ٽيلي ويزن چئنل الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جا چين ۽ آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان کي ڪنهن ڪيمپ جو حصو هجڻ جي ضرورت نه آهي، اسان هر ملڪ سان بهترين لاڳاپا ڇو نٿا رکي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان جو مستقبل چين س??ن جڙيل آهي جيڪو دنيا ۾ ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، هن 62 ارب ڊالر جي لاڳت جي اقتصادي لنگهه منصوبي جي شرطن ۾ ترميم لاءِ چين س??ن ڳالهين جي ترديد ڪندي چيو ته چين س??ن اسان جا لاڳاپا هن وقت پهرين کان بهتر آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان چين جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي تجربن مان فائدو کڻدو، آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه سال اڳ جي ڀيٽ هن وقت آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهترين آهن، اف??انستان ۾ اسان امن جا سهولتڪار آهيون، حڪومت اف??انستان ۽ طالبان جي وچ ۾ مستقبل ۾ اقتدار ۾ حصيداري جي معاهدي جي حمايت جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اف??ان جيڪو پنهنجي لاءِ بهترين سمجهن ٿا اهو اسان جي لاءِ به سٺو هوندو، اف??ان امن ۾ اف??انستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان جو آهي، هن چيو ته اف??انستان ۾ 19 سالا جنگ ۽ قتل ۽ غارت کانپوءِ جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته اهو سڀ اچانڪ گڏجي رهڻ شروع ڪري ڇڏين ته منهنجي خيال ۾ اها صورتحال انتهائي ڏکي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان طالبان ۽ اف??ان حڪومت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، دراصل هڪ معجزو آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان اف??انستان ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو.
فوج حڪومتي پاليسين سان گڏ بيٺل آهي، ماضي جي حڪومتن جي مقابلي ۾ فوج سان موجوده حڪومت جا شاندار لاڳاپا آهن: وزيراعظم عمران خان جو الجزيره کي انٽرويو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر