اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام پنهنجي قائد محمد نواز شريف کي جيترو پيار ڏئي رهي آهي، عمران صاحب اهو ڏسي ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، عمران صاحب نواز شريف تي اقامي جو الزام هنيو ويو. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته موروثي سياست تي ليڪچر ڏيڻ وارو ڪهڙي منهن سان جهانگير ترين جي پٽ جي جلسي ۾ تقرير ڪري رهيو هو، ڪا شرم هو??دي آهي ڪو حياءَ هو??دي آهي، محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف سان حسد ڪندڙ پنهنجي صوبي جي ترقياتي بجيٽ جو 60 سيڪڙو به استعمال نه ڪري سگهيا، ڇا ??ها به محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي سازش آهي؟ مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ شهباز شريف جهڙا بجلي ۽ توانائي جا پراجيڪٽس هڻي ڏيکارين.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں