جده –13 جون (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جده ۾ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جي آجيان ڪئي .ايس پي اي موجب ملاقات ۾ ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن جو جا??زو ۽ يوڪرين بحران جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي ولي عهد بحران جي حل لاءِ سمورين عالمي ڪوششن جي حوالي سان حمايت جو يقين ڏياريو . بحران جي نتيجي ۾ انسان?? اثرن کي گهٽائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ يوڪر??ني صدر سعودي عرب جو دورو ڪرڻ ۽ سعودي ولي ع??د سان ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سعودي عرب جي توانائي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان، نيشنل گارڊ جي وزير شهزاده عبدالله بن بندر بن عبدالعزيز، دفاعي وزير شهزاده خالد بن سلمان، پرڏيهي وزير شهزاده خالد بن فرحان، مملڪتي وزير ، ڪابينا جي ميمبرن ۽ قومي سلامتي جو ڊاڪٽر مساعد به موجود هيو.
يوڪرين جي صدر جو سعودي عرب جو دورو، سعودي ولي عهد سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری