تهران _17 آگسٽ(اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته پرڏيهي ملڪ جاري ڪيل اثاٽن کي ملڪي پيداوار لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل معاهدي هيٺ ايران ۾ قيد پنجن آمريڪي قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا ۾ موجود 06 ارب ڊالر جي ايرا??ي ا??اث?? کي غير منجمند ڪري قطر جي هڪ اهڙي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو ويندو جنهن تائين ايران جي رسائي ممڪن ٿي سگهي، آمريڪي عملدارن جوچوڻ آهي ته ايراني فنڊز کي محدود اڪائونٽ ۾ رکيو ويندو ۽ ان کي خوراڪ يا دوائن جي خريداري جهڙي انساني مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ايران پهرين قدم طور حراست ۾ ورتل چئن آمريڪي شهرين کي تهران جي جيل مان گهر ۾ نظر بند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته 05 شهري اڳ ئي گهر ۾ نظر بند هئا، گڏيل قومن ۾ ايران جي مشن چيو آهي ته معاهدي هيٺ آمريڪا ڪجهه ايرانين کي آمريڪي جيلن مان آزاد ڪندو، ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ا??اث?? جي حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته پرڏيهي ملڪ جاري ڪيل ا??اث?? کي ملڪي پيداوار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
پرڏيهي ملڪن جي غير مجمند اثاثن کي ملڪي پيداوار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو: ايراني صدر
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea