واشنگٽن-12 مئي (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته هڪ خوشحال ۽ مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان آمريڪي مفادن ??اءِ اهم آهي ۽ پاڪستان ۾ جيستائين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن جو تعلق آهي اسان جو ??نه?? هڪ سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي ڀيٽ ۾ ??نه?? ٻي سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي حمايت جي حوالي سان ڪو به موقف ناهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل روزاني جي بنياد تي ٿيل پريس بريفنگ دوران گذريل ڏينهن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پاڪستان جي صورتحال تي گهري نظر رکيو ويٺا آهيون، هن چيو ته اسان جو مفاد ??ڪ محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان آهي جيڪو پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ مفاد ۾ آهي ۽ اسان سڄي دنيا ۾ جمهوري اصولن ۽ قانون جي حڪمراني جي احترام جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته آمريڪا ??نه?? مخصوص يا پسنديده اميدوار يا سياسي پارٽي جي حمايت نٿو ڪري، چاهي ان جو تعلق پاڪستان سڄي دنيا جي ??نه?? به حڪومتي نظام سان هجي، ترجمان چيو ته هڪ خوشحال ۽ مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان آمريڪي مفادن ??اءِ اهم آهي ۽ اسان جي ان موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، نائب ترجمان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان اسان ڪيترن ئي شعبن صحافت جي آزادي، انساني حقن ۽ ان نوعيت جي ٻين مسئلن کي نه رڳو پاڪستان پر ٻين ملڪن ۾ به پنهنجي هم منصبن سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسان وٽ آڇ جو نقطه نظر آهي. ترجمان چيو ته آمريڪا سلامتي، قابل تجديد توانائي، ماحولياتي بحران ۽ زرعي واپار جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ ??ڪ مضبوط، خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان سان اسان جو اهو ئي مطلب آهي جيڪو آمريڪي مفادن ??اءِ اهم آهي.
خوشحال، مستحڪم، جمهوري پاڪستان آمريڪي مفادن لاءِ اهم آهي: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو نائب ترجمان
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک