اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سمو??ين پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪئي آهي ته 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير جي مناسبت سان ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪ?? ڪن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع تي پنج سال مڪمل ٿي ويندا ان ڏينهن هر سال وانگر هن سال به يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي، سڄي ??ني?? سميت پاڪستان ۾ ان خ??اف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ٿي??دڙ واڪ ۾ سمو??ين پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي اپيل آهي ته جيئن اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ان ڏينهن ايوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئي ويندي.
ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير پاران سمورن پارلياماني پارٽين کي 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير تي واڪ ۾ شرڪت جي اپيل
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج