اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان خطي ۾ اسرائيل جي مسلسل مهم جوئي ۽ لبنان جي خلاف ٿيندڙ تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته بيروت ۾ اسرائيل جي فوجي جارحيت لبنان جي ??ود??ختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شهري علائقن تي اهو حملو عالمي قانونن ۽ گڏ??ل قومن جي چارٽر جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان جي امن ۽ سلامتي سان رهڻ ۽ ان جي ??ود??ختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ??ود??ختياري ??يا??تن جي اندر ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي آهي، اهو انڌاڌنڌ ۽ وڌندڙ اسرائيلي جارحيت جو هڪ ٻيو مظاهرو آهي جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مسلسل جاري آهي. هن چيو ته خطي ۾ اسرائيل جون تازه ترين ڪارروايون خطرناڪ آهن جيڪي وچ اوڀر ۾منصفاڻي ۽ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيون آهن، اسرائيل کي ان جي ڪاررواين جو جوابده ٿيڻ گهرجي، اسرائيل جي غيرملڪي ڪاررواين علائقائي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته اسرائيل جي حامين کي گهرجي ته ا??ي خطي جي ملڪن جي ??ود??ختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جي خاتمي جي لاءِ اسرائيل تي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪن. هن چيو ته تهران ۾ حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جو قتل اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ جو هڪ عمل آهي جنهن سان امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، ان جي قاتلن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل آڪٽوبر 2023ع کان فلسطيني عوام جي خلاف دهشتگردي جي مهم شروع ڪري رکي آهي، اسان گڏ??ل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ا??ا عالمي قانون جي پاسداري ڪري ۽ غزه جي ماڻهن جي نسل ڪشيءَ جو خاتمو ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي ??ود??ختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ، ان جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي وارو شهر هجڻ سان گڏ فلسطين جي هڪ آزاد ??يا??ت قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران خطي ۾ اسرائيل جي مسلسل مهم جوئي ۽ لبنان جي خلاف ٿيندڙ تازي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر