اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچڻ تي پاڪستان هاڪي ٽيم کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هاڪي ٽيم جا رانديگر اسانجا هيرو آهن، جن اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي راند کي زندهه ڪيو آهي، پوري قوم هاڪي ٽيم جي ڪاميابي ل??ءِ دعاڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد سان گڏ پاڪستان هاڪي ٽيم جي ميمبرن سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو تهپ اڪستان هاڪي ٽيم جا رانديگر قومي هيرو آهن، توهان هڪڀ يرو ٻيهر قومي راند کي پاڪستان ۾ زندهه ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو راندين جي فروغ لاءِ ??ڏو فوڪس آهي. وفاقي وزير اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان هاڪي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائنل پي ٽي وي اسپورٽس جي ذريعي سڌوسنئون نشرو ڪيو ويندو. هن چيو ته سڀاڻي جي مئچ جي ل??ءِ ??ي وي چينلز ۽ اخبارن ۾ هاڪي ٽيم جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ کي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي ل??ءِ اسان تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، فائنل مئچ پوري پاڪستان ۾ ڏٺو ويندو. هاڪي ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هاڪي ٽيم نيوزيلينڊ، ملائيشيا ۽ ڪوريا سان زبردست مئچ کيڏي، اهي ٽيمون رينڪنگ ۾ پاڪستاني ٽيم کان مٿي هيون پر پاڪستان هاڪي ٽيم انهن ٽيمن سان مئچن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته پوري قوم هاڪي ٽيم سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي ڪاميابي جي ل??ءِ دعاڳو آهي. توهان جي ڪاميابي پوري قوم سان گڏجي ملهائينداسين، اسان پنهنجي هيروز جي واپسي جا منتظر آهيون.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچڻ تي پاڪستان هاڪي ٽيم کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں