اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف بجلي جي پهچ نظام ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي پلان جوڙي ا??ندڙ هفتي پيش ڪرڻ ۽ ان جي ا??تظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ ن??ي شعبي جي ماهرن جي مدد وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي شعبي جي سڌارن سان گردشي قرض ۾ گهٽتائي آڻينداسين، بجلي چورن ۽ ٻين عنصرن کي ملڪي خزاني کي قطعي طور تي وڌيڪ نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، بجلي ٽرانسميشن جي نظام جي بهتري جي وڏن منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي شعبي جي حوالي سان قدمن جي جائزي تي اعليٰ سطح جي اجلاس جو ٻيور دور ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، محمد اس??اق ڊار، احد خان چيما، سيد محسن رضا نقوي، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، بجلي واري اڳوڻي وزير محمد علي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر بلال اظهر ڪياني، انجنيئر قمر السلام، راڻا احسان افضل، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته بجلي جي پهچ نظام ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي پلان جوڙي ا??ندڙ هفتي پيش ڪيو وڃي، ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي ا??تظامي معاملن جي بهتري لاءِ ن??ي شعبي جي ماهرن جي مدد ورتي وڃي. هن چيو ته بجلي جي پهچ ۽ ورڇ جي نظام جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو ماڊلز مان مدد ورتي وڃي، بجلي شعبي جي سڌارن سان گردشي قرض ۾ گهٽتائي آڻينداسين، بجلي چورن ۽ ٻين عنصرن کي ملڪي خزاني کي قطعي طور تي وڌيڪ نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اجلاس کي بجلي جي ٽرانسميشن جي نئين منصوبن، اين ٽي ڊي سي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ قدم ۽ سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي ڏکڻ کان بجلي جي پهچ جي لاءِ مٽياري رحيم يار خان ٽرانسميشن لائين ۽ غازي بروٿا فيصل آباد لائين تعمير ڪئي ويندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بجلي جي پهچ نظام جي سڌارن ۽ گردشي قرض گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اين ٽي ڊي سي جي نئين سر تنظيم سازي جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. وزيرا??ظم سمورن سڌارن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران بجلي جي پهچ نظام ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي پلان جوڙي ايندڙ هفتي پيش ڪرڻ ۽ ان جي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ نجي شعبي جي ماهرن جي مدد وٺڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد