اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سي پيڪ کي پا??ستان جي معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ جي صورت ۾ ويجهي ۽ پائيدار حصيداري خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي، پا??ستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ بڻائڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پا??ستان ۾ مقرر عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪئي. چيني سفير عطاءُ الله تارڙ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ سي پيڪ، پا?? چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن، ميڊيا ۽ فلم جي شعبي ۾ جاري تعاون ۽ سي پيڪ بابت جعلي خبرن جي روڪٿام جي لاءِ چين پا??ستان انفارميشن ڪوريڊور جي حوالي سان خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سي پيڪ جي حوالي سان جعلي خبرن جي خاتمي جي لاءِ حڪومت سان حڪومت ۽ ميڊيا سان ميڊيا جي سطح تي مڪينزم جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پا??ستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ دوستي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن. هن چيو ته 1998ع ۾ منهنجي ڏاڏي رفيق تارڙ بطور صدر چين جي وزيراعظم جي پا??ستان جي دوري تي ان جو استقبال ڪيو، پا?? چين دوستي اسان نسل در نسل ڏٺي آهي، اسان کي پنهنجي نئين نسل کي پنهنج?? تاريخي ۽ مضبوط دوستي بابت آگاهه ڪرڻو پوندو. اسان کي نئين نسل کي ٻڌائڻو پوندو ته ڪهڙي طرح چين ۽ پا??ستان مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين شنگهائي تعاون تنظيم ۽ گڏيل قومن سميت هر عالمي فورم تي پا??ستان جي حمايت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سي پيڪ جي صورت ۾ ويجهي ۽ پائيدار حصيداري خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي. هن چيو ته سي پيڪ پا??ستان جي معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين پا??ستان اقتصادي لنگهه علائقائي رابطن جو هڪ اهڙو فريم ورڪ آهي جنهن سان نه رڳو چين ۽ پا??ستان کي فائدو ٿيندو پر ايران، افغانستان، ڀارت، وچ ايشيائي جمهوريه ۽ خطي تي ان جا مثبت اثر پوندا. هن چيو ته چين پا??ستان انفارميشن ڪوريڊور سي پيڪ بابت جعلي خبرن جي روڪٿام طرف هڪ اهم اسٽريٽجڪ قدم هوندو، ان جو مقص?? ڊيجيٽل ڪنيڪٽيوٽي ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي طاقت کي استعمال ۾ آڻڻ آهي، اطلاعات واري وزارت ان حوالي سان پنهنجو ڪم جاري رکندي. وفاقي وزير چيو ته پا??ستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ بڻائڻ وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين وانگر پا??ستان به هڪ قديم تهذيب آهي جنهن ج?? تاريخ 7 هزار سال پراڻي آهي، پا??ستان جي واديءَ سنڌ مان ڪيتريون ئي روحاني ۽ ثقافتي تحريڪون اڀريون جن ايشيائي ثقافت جي شڪل اختيار ڪئي. پا??ستان جي قديم گنڌارا تهذيب ٻڌمت کي چين سميت اوڀر ايشيا جي وڏي حصي ۾ متعارف ڪرايو. هن چيو ته پا??ستان ۽ چين گذريل سال پيلس ميوزيم ۾ گنڌارا ٻڌسٽ نمائش جو گڏيل طور تي اهتمام پڻ ڪيو. ملاقات ۾ پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ ايس ڊي جيز جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. وفاقي وزير چيو ته رومينه خورشيد عالم ايس ڊي جيز پروجيڪٽ جي حوالي سان چين سان ويجهو رابطو رکيو آهي. ملاقات ۾ پا??ستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ستان ۽ چين جي چائنا ميڊيا گروپ (سي ايم جي) جي وچ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ ايم او يو جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي وچ ۾ فلم پروڊڪشن جو معاهدو پڻ عمل هيٺ آهي، اي پي پي ۽ شنهوا ايجنسي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي ڪم جاري آهي. ملاقات ۾ سي جي ٽي اين ۽ پي ٽي وي جي وچ ۾ سفري دستاويز جي گڏيل پروڊڪشن جي لاءِ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. چين جي سفير پا?? چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
سي پيڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ بڻائڻ وزيراعظم جو ويزن آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی