اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) پر??يهي وزارت عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب ۾ مختلف شعبن جون ناليواريون پاڪستاني عورتون شريڪ ٿيون جڏهن ته اسلام آباد ۾ سفارتي ڪور جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ پر??يهي وزارت جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پر??يهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ انهن جي مضبوط حصيداري ۽ مثبت سماجي تبديلين کي فروغ ڏيڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پر??يهي سيڪريٽري عورت سفارتڪارن جي نمايان ڪاميابين تي پر??يهي وزارت کي پاڪستان ۾ عوامي ادارن جي لاءِ هڪ روشن مثال طور تي اجاگر ڪيو جنهن ۾ عورت آفيسرن جو هڪ ذڪر جوڳو انگ موجود آهي جن پاڪستان جي پر??يهي پاليسي کي اڳتي وڌائڻ ۾ بي مثال مهارت ۽ لگاءُ جو مظاهرو ڪيو آهي. تقريب ۾ هڪ پينل ڊسڪشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض پر??يهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ادا ڪيا، جنهن ۾ بااثر عورت اڳواڻن جي شاندار سفر کي ڏيکاريو ويو. معزز پينلسٽس ۾ پاڪستان جي فارن سروس جي پهرين عورت آفيسر سفير فوزيه نسرين، عوامي صحت، سماجي ڀلائي ۽ عوامي خدمت ۾ پنهنجي خدمتن جي لاءِ مشهور سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ادبي شعبي جي ۽ تخليقي صلاحيتون رکندڙ امينه سيد ۽ صنفي برابري، سماجي انصاف، ٻارن جي حقن ۽ ذهني صحت جي هڪ اڻٿڪ وڪيل ناديه جميل شامل هيون. پينلسٽس پنهنجي پيشيواراڻي سفر مان حاصل ٿيندڙ انمول بصيرت بيان ڪئي جنهن ۾ صنفي حساس پاليسين کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت ۽ عورتن جي مجموعي ترقي کي آسان بڻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي ز??ر ڏنو ويو. بيان موجب ”وومين آف سبسٽنس“ ايونٽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان جي سماجي بيهڪ ۽ عالمي حيثيت کي جوڙڻ ۾ عورتن جي انمول شرڪت کي ملهائڻ لاءِ پر??يهي وزارت جي اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي.
پرڏيهي وزارت پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان خصوصي تقريب جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم