ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)عام چونڊون 2024ع لاءِ سنڌ صو??ي ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صو??ائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي(اڄ )خميس 08 فيبروري تي چونڊ ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ج??رل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ گڏيل طور 1130 اميدوار ??صو وٺي رهيا آهن جن ۾ 1048 مرد اميدوار ۽ 82 عو??ت اميدوار ??امل آهن، جڏهن ته صو??ائي اسيمبلي جي 130 جنرل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ 2795 اميدوارن ۾ مقابلو آهي. جن ۾ 2644 مرد اميدوار ۽ 151 عو??ت اميدوار ??امل آهن. ان حوالي سان سنڌ صو??ي ۾ ڪل 19906 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.جن ۾ مردن لاءِ 4443 ۽ عو??تن لاءِ 4313 پولنگ اسٽيشنز جڏهن ته 10250 گڏيل پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 6524 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس، 6545 کي حساس ۽ 5937 کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ صو??ي ۾ ڪل 2 ڪروڙ 69 لک 94 هزار 7 سئو 69 ووٽر آهن جن ۾ مرد ۽ عو??ت ووٽرن جو انگ ترتيبوار 14612655 ۽ 12382114 آهي. پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان پرامن ماحول ۾ جاري آهي جيڪو شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. ان سلسلي ۾ صو??ائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله ضلعي رٽرننگ آفيسرن، پوليس ۽ انتظاميه سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي شفاف، منصفاڻيون ۽ اڻڌريون چونڊون منعقد ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته چونڊن کي پر امن طريقي سان منعقد ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ ان ڏينهن کي ڪاميابيءَ سان انجام تي پهچايو وڃي. هن عو??م کي اپيل ڪئي ته بنا ڪنهن خوف جي ووٽ ڏئي پنهنجو قومي فرض ادا ڪن.
سنڌ صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن لاءِ خميس 08 فيبروري تي چونڊ ٿي
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری